عمران خان پاڪستان آڏو چئلينجز ۽ مسئلن کي وساري پنهنجن سياسي مخالفن کان بدلي جي باهه ۾ سڙندو رهيو: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجن سياسي مخالفن کان بدلي جي باهه ۾ سڙندو رهيو ۽ هي مڪمل طور تي وساري ويٺو ته پاڪستان سامهون جيڪي چئلينجز ۽ مسئلا آهن اهي سڀ کان پهريان حل ڪرڻا آهن عمران خان نه رڳو پاڪستان پر ڪشميرين کي به وڏو نقصان پهچايو آهي ڪشمير جي ماڻهن کي ان وقت هڪ مضبوط پاڪستان جي ضرورت هئي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته عمران خان جو اهو رڪارڊ رهيو آهي ته جڏهن به ملڪ مسئلن جي ور چڙهيو ته ان وقت ئي هو منظر تان غائب ٿي وڃي ٿو اڄ به ساڳي صورتحال آهي پاڪستان جو پرڏيهي وزير هن حساس صورتحال ۾ حج جو فرض ادا ڪري رهيو آهي جتي هو ڪشميرين لاءِ دعا ڪري رهيو  آهي، ڪافي آهي هن چيو ته مخالف ڌر طرفان حڪومت کي ڪنهن قسم جي حمايت جو اعلان نه ڪرڻ گهرجي هڪ اهڙي حڪومت جنهن کي ماڻهن منتخب نه ڪيو پر هن هر طريقي سان پاڪستان کي گوڏن تي ويهاري ڇڏيو آهي ۽ غريب عوام اڄ مهانگئي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي پر حڪومت کي غريبن تي رحم نه پيو اچي هن حڪومت کي ڪنهن به قسم جي حمايت وڌيڪ تباهي ڏانهن وٺي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *