لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جِي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان پاڪستاني سياست ۾ پاڻي جو ڦوڪڻو آهي جيڪو جلد ڦاٽي پوندو، اڄ بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلز پارٽي فيصل آباد ڊويزن جي ڪارڪنن سان گڏجاڻي دوران هن چيو ته عمران خان جيڪي ڪجهه ڪري پيو اهو هو پاڻ نه پيو ڪري پر هن جي پويان ٻيو ڪو آهي هن چيو ته سياسي قوتن کي پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو، آصف علي زرداري چيو ته موجوده سياسي حالتن ۾ اسان جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نواز شريف جي حمايت ڪئي ۽ کيس همٿايو ته هو مڙس ٿي جمهوري ادارن جي حفاظت ڪري سگهي، آصف علي زرداري چيو ته اهو پيپلز پارٽي جي هٿ ۾ آهي ته فيصلو ڪري ته چونڊون ڪڏهن ٿين پوءِ اهي ٽن سالن ۾ ٿين يا ٻئي ڪنهن وقت. ٿين ٿيون.