عمران خان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب جي بائيڪاٽ جي فيصلي تي برقرار رهڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ترڪ صدر طيب اردگان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کي بائيڪاٽ جي فيصلي تي برقرار رهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيستائين سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي پارليامينٽ نه ويندس رائونڊ کان دبئي ۽ قطر جي نئين ڪهاڻي سامهون آئي آهي ثابت ٿي رهيو آهي ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ گهڻا ڪوٺ ڳالهائڻا پون ٿا وزيراعظم پاڻ کي سپريم ڪورٽ اڳيان بيقصور ثابت ڪري ٿو ته اسان اسيمبلي ۾ هليا وينداسين ذريعن موجب اڱاري تي عمران خان جي صدرت ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جاري پانامه ڪيس ۽ ترڪ صدر جو پاڪستان جو دورو ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ان موقعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان جو فيصلو ڪيو ويو ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان مسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪندي چيو ته گذريل ستن مهينن ۾ حڪومت تمام گهڻي ڪلابازيون کاڌيون آهن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي هجڻ تي تمام گهڻا ڪوڙ سامهون ايندا هن چيو ته رائونڊ کان دبئي ۽ قطر جي ڪهاڻي سامهون اچي ويئي آهي عمران خان چيو ته ترڪي سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ويجهي دوستي آهي ترڪ سفير پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي درخواست به ڪئي هئي پر اسان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ ختم نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چوي ٿي ته هو ڪيس کي رفع دفعا نٿي ڪرڻ چاهي ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *