عمران خان پاران اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان، وزيراعظم پاران آجيان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسڪول حملي کانپوءِ پشاور ويس ۽ اسپتال ۾ زخمي ٻارڙن جي عيادت ڪئي. ٻارڙن کي منصوبابندي تحت ماريو ويو جيڪو مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو آهي. وزيراعظم نوازشريف جڏهن مونکي دعوت ڏني ته مان هڪ لمحي لاءِ سوچيو ته مان قومي پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ نه وڃان پر پوءِ سوچيو ته ملڪ کي هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي. وقت جي گهرج آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي هر طرح سان مدد ڪئي وڃي. دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ نوازشريف جي هر طرح مدد ڪنداسين. پشاور سانحي کانپوءِ اتحاد جي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته اسين رڳو حڪومت کان 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جانچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي. اسان کي اميد آهي ته نوازشريف اسان جي مطالبي تي فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن جوڙيندو. جيڪڏهن حڪومت اسان جو مطالبو تسليم ن ڪيو ته اسين ٻيهر روڊن تي نڪري اينداسين ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پوئتي نه هٽنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جو اسلام آباد ۾ ڌرڻو ج126 ڏينهن تائين جاري رهيو. هوڏانهن وزيراعظم نوازشريف عمران خان پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران جي اطمينان لاءِ مسئلي جو حل ڳوليو ويندو. گڏيل مشاورت سان تحريڪ انصاف جا خدشا ختم ڪيا ويندا. هن چيو ته عمران خان جي فيصلي سان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ سڄي قوم جي عزم کي هٿي ملي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *