عمران خان يا پي ٽي آئي جا ٻيا اڳواڻ سنڌ ۾ اچن پر ياد رکن ته عوام کين ڄاڻي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان يا تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ سنڌ ۾ اچن جلسو ڪن پر يادرکن سنڌ نه پر هاڻي ته سڄي ملڪ جو عوام کين سڃاڻي چڪو آهي ايندڙ چونڊن ۾ عوام دشمن ناڪام حڪمرانن کي عوام رد ڪري ڇڏيندو. مخالف پيپلزپارٽِ کان ڊنل آهن اسان جا مخالف اتحاد بڻائي رهيا آهن ته جيئن پيپلزپارٽي جو مقابلو ڪري سگهن. ماضي ۾ به مخالف اتحاد ريت جي ڀت ثابت ٿيا آهن. ۽ ايندڙ مڪاني چونڊون هجن يا عام چونڊون عوام پ پ کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي اهو ثابت ڪري ڇڏيندو ته پيپلزپارٽي اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي پيپلزپارٽي مخالفن جي اتحادن کان پريشان ٿيڻ واري نه آهي اسان جو سڀ کان وڏو اتحادي عوام آهي عوام جي ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ اينداسين پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت ۽ چونديل نمائندن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي هن مهانگائي بيروزگاري ۽ تڪليفن جي ماريل عوام جو ڀرپور ساٿ ڏين سکر سميت سڄو پاڪستان پيپلزپارٽِي جو آهي هو گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي سکر جي اڳواڻ اڳوني ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ان موقعي تي ارسلان اسلام شيخ بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيوته پارٽي پاران سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار جي اهم عهدي تي آڻڻ منهنجي لاءِ فخر آهي مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي ويزن ۽ پاليسي مطابق هن اهم ذميواري تي محنت، ديانتداري ۽ وفاداري سان نڀائڻ جي خاطري ڪرايان ٿو پ پ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. ۽ مان خاص مددگار طور پارٽي مشن کي اڳتي وڌائينداس شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام جي ترقي منهنجي پهرين ترجيح هوندي ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي اميد آهي ته اوهان پارٽي قيادت جي اميدن مطابق پنهنجا فرض بهتر نموني سان نڀائيندي عوام جي خدمت ڪندا ڇو ته عوام ڄاڻي ٿو ته پيپلزپارٽي اها واحد جماعت آهي جيڪا هن ملڪ جي مزدورن، هارين ۽ غريب عوام جي پارٽي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *