عمران خان وزير اعظم نه رهيو، بي اعتمادي رٿ ڪامياب، 52 رڪني ڪابينا ڊي نوٽيفائي

اسلام آباد  (م.ڊ) عمران خان وزير اعظم نه رهيو، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪامياب، رٿ جِي حمايت ۾ 174 ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، عمران خان بي اعتمادي رٿ ذريعي عهدي تان هٽندڙ پهريون وزيراعظم بڻجي ويو، عمران خان 3 سال  8 مهينا وزير اعظم رهيو، عمران خان وزير اعظم هائوس مان بني گالا هليو ويو، صبح ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيل اجلاس 5 ڀيرا ملتوي ٿيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سميت 5 رڪني بينچ ۾ شامل ججز سپريم ڪورٽ پهتا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي عدالت طلب ڪيو ويو پر اسپيڪر جي استعيفيٰ ۽ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ سبب سپريم ڪورٽ جا ججز واپس هليا ويا، ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيوويو، وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي فارم صبح 10 وڳي تائين جمع ٿيندا، اڄ منجهند 3 وڳي تائين ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، وزيراعظم لاءِ چونڊ 11 پريل تي ٿيندي، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ  ھو ته ڪنهن کان به بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان  به ناانصافي نه ڪنداسين ، ڪنهن کي به جيل ڀيڙو نه ڪنداسين ، اڄ هڪ نئون سج اڀريو آهي ادارن سان گڏجي پاڪستان کي هلائينداسين. ھوڏانھن ڪابينا ڊويزن عمران خان ۽ ان جي 52 رڪني ڪابينا کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيش پارلياماني معاملن ۽ قانون واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي. ڊي نوٽيفائي ٿيندڙ وزيرن جي انگ 25 آهي ۽ فارغ ٿيندڙ ۾ 4 مملڪتي وزير ۽ 4 صلاحڪار به شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا 19 خاص مددگار به فارغ ٿي ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *