عمران خان وزيراعظم جي لوڌران ۾ هاري پيڪيج جي اعلان کي ڌانڌلي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) چئيرمين تحريڪ انصاف عمران خان وزيراعظم نوازشريف پاران لوڌران ۾ ننڍين چونڊن کان اڳ هاري پيڪيج جي اعلان کي ڌانڌلي قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمرا خان جو چوڻ هو ته لوڌران ۾ وزيراعظم نوازشريف هاري پيڪيج  جو اعلان ڪري ننڍين چونڊن ۾ ڌانڌلي جو بنياد رکيو آهي، اهڙي ئي طرح لاهور ۾ ووٽرن کان بنا پڇئي انهن جا ووٽ ٻين تڪن تي منتقل ڪيا ويا، جيستائين شفاف چونڊون لاءَ آواز نه اٿارينداسين، تيستائين مئسلا حل نه ٿيندا. جڏهن ته 2013ع جون چونڊن ۾  ملڪ جي تاريخي ڌانڌلي ٿي هئي. لاهور جي تڪ اين اي 122 ۾ امڪاني ڌانڌلي جي حوالي سان عمران خان اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلي جا سمورا رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کڻي ويندي، اسان پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي روڪي هئي ان ڪري اسان کي نادرا سان ملي هارايو ويو، لاهور جي ننڍين چونڊن ۾ ووٽ گم ڪيا ويا ۽ 17 هزار 874 ووٽ ڀرپاسي جي علائقن مان اين اي 122 ۾ منتقل ڪرايا ويا ،ن ليگ سروي ذريعي پي ٽي آئي جي ووٽرن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اسان جي ووٽرن کي تڪ مان ڪڍيو ويو. سندس چوڻ هو ته هر ڀيري چيو ويندو آهي ته  عمران خان جي سئي ڌانڌلي تي ٽنگي پئي آهي ۽ ملڪ جي ٻين مسئلن تي ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي، مون کي ڪو به شوق ناهي ته هڪ مسئلي تي ٽنگيو پيو هجان ۽ 126 ڏينهن تائين ڌرڻا هڻا، ان کان اڳ هڪ سال تائين مهم هلائي، جيڪڏهن اسان هن ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ آواز نه اٿارينداسين ته ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو، جيتوڻيڪ مڪاني چونڊن جو مثال سڀني جي اڳيان آهي،اسان جو مقصد آهي ته جيڪي مسئلا عوام کي اڳيان آهن،عوام پنهنجي ووٽ ذريعي حڪومت کي ڪا سزا ڏئي سگهي ،هارين جو جيڪو معاشي قتل ٿيو آهي،عام ماڻهو پنهنجي ووٽ جي حق جي استعمال سان پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪري سگهي. چئيرمين تحريڪ انصاف صحافي کي دڙڪو ڏيڻ تي کائنس معافي وٺندي چيو ته پارٽي چئيرمين کان پهرين انسان آهيان ۽ انساني گهرج آهي ته  ڪنهن جي گهر ۾ ڏک، سور، تڪليف يا ماتم هجي ته ان سان همدردي جو اظهار ڪيو وڃي، نه ڪي ان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو وڃي. صحافي پاران اوچتو ذاتي سوال پڇڻ تي ڪاوڙ اچي وئي هئي. سندس چوڻ هو ته پنهنجي اڳوڻي گهرواري سان جهڙا به اختلاف هجن پر  ان بابت ڪجهه نه ٻڌندس، منهنجي درخواست آهي ته ذاتي سوالن کان پاسو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *