عمران خان وزيراعظم جي اعلانيل عدالتي ڪميشن کي به رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 26 اپريل کان سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ميان صاحب وٽ وزير اعظم رهڻ جو جواز ناهي بچيو، نواز شريف کي وڃڻو ئي پوندو، اميد ته نواز شريف رائيونڊ مارچ کان اڳ فيصلو ڪري وٺندو. . اسلام آباد ۾ ايف نائن چوڪ تي پي ٽي آءِ جي تاسيس واري جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو تهادارا ڪمزور ٿي ويا آهن، ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سياست ۾ آيس، سياست ۾ 20 سال ٿي ويا پر لڳي ٿو هاڻي پارٽي شروع ڪئي آهي. عزت ڏيڻ تي قوم جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته انگلينڊ سان ڪرڪيٽ کيڏڻ ويس ته سينئرن چيو ته انگريزن کان نٿا کٽي سگهون. اسان جي دور ۾ پاڪستان جي هاڪي ٽيم کي دنيا ۾ عزت سان ڏٺو ويندو هو. اسڪوائش ٽيم ۾ جهانگير خان ۽ جان شير خان نالو ڪمايو، اڄ اهي سڀئي رانديون تباهه آهن، ڇو جو اسان جا ادارا مضبوط ناهن. عمران خنا چيو ته پرڏيهه ۾ هئس ته ادارا مضبوط ڏسندو هئس. مون وٽ الله جو ڏنو سڀ ڪجهه هو، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مونکي سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. مون ڪڏهن سياست ۾ اچڻ جو سوچيو ئي نه هو، پنهنجون پراڻيون تقريرون ڏسي شرمائجي ويندو آهيان. ٻئي طرف پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان وزيراعظم جي اعلانيل عدالتي ڪميشن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته ڪميشن جا ٽرمس آف ريفرنس عوام کي دوکو ڏيڻ برابر آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف پاران ڪميشن جوڙڻ جو اعلان مذاق آهي.هن چيو ته نواز شريف ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي ۽ نه ئي پاناما معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري، هاڻ وٽن رائيونڊ واري رستي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو.هن چيو ته آمريڪا ۾ ٽيڪس چور جيل ويندا آهن، پاڪستان ۾ عدالتي ڪميشن جي جاچ 5 سالن ۾ به ختم نه ٿيندي.عمران خان چيو ته نواز شريف جو نالو اچي چڪو آهي، پر هو پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏي ٿو، ثابت ٿيو ته وزيراعظم احتساب کان ڊڄي ٿو.تحريڪ انصاف جي سربراه چيو ته پهريان وزيراعظم ۽ بعد ۾ ٻين جو احتساب ٿئي، جاچ لاءِ عالمي فرانزڪ ٽيمن جي مدد ورتي وڃي.عمران خان چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي تقرير ٻڌي محسوس ٿيو ته  ڪجهه لڪائي رهيو آهي، جڏهن ته اخلاقي طور  هو حڪومت ڪرڻ جو جواز وڃائي ويٺو آهي.سندس چوڻ هو ته نواز شريف جا جيڪڏهن هٿ صاف آهن ته پوءِ کيس 1990 کان 2013 تائين پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻ گهرجن.عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف ڪنهن به قسم جي ڪا سازش نه ٿي رهي آهي، هو رڳو جاچ چاهين ٿا.تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن 4 تڪ کوليا وڃن ها ته کين ڌرڻو هڻڻ جي ضرورت نه پوي ها.هن چيو ته ملڪ ڌرڻن نه پر ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري سبب تباهه ٿئي پيو.عمران خان چيو ته 24 اپريل تي مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن پاناماليڪس معاملي جي شفاف جاچ نه ٿي ته هو روڊن تي نڪرندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *