عمران خان هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي هارس ٽريڊنگ بابت گهڻيون شڪايتون آهن هاڻ هو ان جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سمورين پارٽين مثبت ردعمل ڏنو آهي ۽ جمهوري استحڪام لاءِ هارس ٽريڊنگ جو خاتمو به ضروري آهي ان لاءِ حڪومت سياست سان ان جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پرويز رشيد چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي هارس ٽريڊنگ بابت گهڻيون شڪايتون آهن ان ڪري هاڻ هو ان جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي عمران خان پارليامينٽ ۾ اچي ان جي قانونسازي ۾ حصو وٺي ۽ جمهوريت جي مضبوطي ۾ اسان جو ساٿ ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *