عمران خان منهنجي سوالن جا جواب ڏئي، بازيگر واري زبان استعمال نه ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌسماءَ واري وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته عمران خان منهنجي سوالن جي جواب ۾ بازيگر واري زبان استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر پرويز رشيد چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عمران خان کي اصل حقيقت کي ٻڌڻ لاءِ جرئت جو مظاهرو ڪندي تيار ٿيڻ گهرجي هن چيو ته عمران خان جي ڪوڙ جي فئڪٽري گذريل 8 سالن کاڪم ڪري رهي آهي پر ساڳين 8 ڏينهن لاءِ ان کي سچ ۽ حقيقت جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن عمران خان کي مشورو ڏنو ته هو منهنجي سوالن جي جواب ۾ بازيگر واري زبان استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *