عمران خان لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، شرافت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته عمران خان لاءِ ڪوئي محفوط رستو نه آهي عمران خان اوهان عزت وارو رستو وٺو ۽ استيعفا ڏيو پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي منهنجو پيغام آهي ته ان لاءِ ڪوئي محفوظ رستو نه آهي، ان لاءِ نه ڪوئي اين آر او آهي نه ايمنسٽي ۽ نه ڪوئي بيڪ ڊور ايگزٽ، هن چيو ته عمران خان اوهان عزت وارو رستو اختيار ڪريو عمران خان اوهان هڪ وقت ۾ هن ملڪ جا قومي رانديگر هئا عوام کي پنهنجي پاران اسپورٽس مين اسپرٽ جو پيغام موڪليو هن چيو ته عمران خان اوهان پنهنجي اننگ کيڏي چڪا ۽ هڪ شفاف عمل جي ذريعي شڪست به کائي چڪا هن چيو ته عمران خان عزت وارو رستو اهو ئي آهي ته اوهان اڄ ئي استعيفا ڏئي هليا وڃو ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ڏيو هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان عزت وارو رستو نٿو وٺي سگهي ته اچي ادارن ۽ جمهوريت جي احترام سان مقابلو ڪريون ٿا. هن چيو ته عمران خان اچو اوهان پنهنجي عددي قوت جو مظاهرو ڪيو اسان به پنهنجي عددي قوت جو مظاهرو ڪريون ٿا عمران خان اوهان عوام کي وڌيڪ تڪليف ۾ نه وجهو ڪوئي آئيني بحران پيدا نه ڪريو ۽ ان ۾ اوهان جي عزت ٿيندي هن چيو ته عمران خان جيڪي ماڻهو اوهان کي عزت وارو دڳ وٺڻ جي ابتڙ مشورا ڏئي رهيا آهن اهي اوهان لاءِ يا ملڪ لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ سوچي رهيا آهن هن چيو ته عمران خان اوهان کي تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچي سو پهچي اوهان عدم اعتماد جي جمهوري هٿيار کي بيروني سازش قرار ڏيو هن چيو ته عمران خان کي هي تجويز ڏني وئي آهي ته هو ادارن تي دٻاءُ وجهي فوج کي ورغلائي هن چيو ته عمران خان اوهان کي اهڙا جيترا مشورا ڏنا ويا آهن اهي نه رڳو اوهان جي مفاد جي خلاف آهن پر ملڪ قوم آئين ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ به نه آهن هن چيو ته اپوزيشن ۽ ملڪ جو عوام جمهوريت تي ڪائي سوديبازي نٿو ڪري سگهي مان بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ٽن سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهيان هي مڪمل طور تي هڪ جمهوري عمل آهي هن چيو ته اسان ڪنهن جي ڪلهن تي ويهي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ڪاميابيون حاصل نه ڪيون آهن هنچ يو ته عمران خان اوهان بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان منهنجي اها ڳالهه تسليم ڪريو ۽ اڳتي وڌو هن چيو ته اوهان جو نقصان ته ٿيندو جڏهن ته جيڪڏهن اوهان جي رويي جي ڪري ملڪ جو نقصان ٿيو ته ان جو حساب به اوهان کي ڏيڻو پوندو هن چيو ته هن وقت اهڙي ڪائي صورتحال نه آهي جو قومي سلامتي ڪميٽِ جو اجلاس سڏايو وڇي عمران خان جو قومي سلامتي جي ادارن کي تڪراري بنائڻ هڪ خوفناڪ عمل آهي هن چيو ته خط جي حوالي سان ٽن ڏينهن کان پوءِ جيڪو سوال پڇڻ چاهي اسان کان معلوم ڪري هن چيو ته اسان جي ڄاڻ مطابق عمران خان جي هڪ وزير هي خط پاڻ هڪ سفارتڪار کان لکرائي پاڻ ڏانهن اماڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم کيڏنو هن چيو ته عمران خان خط جلسي ۾ ڏيکاري ادارن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ هڪ آئيني عمل کي تڪراري، ناڪام ۽ ان کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن چيو ته عمران خان خط بابت اوهان جو عمل قوم جي مفاد ۾ نه آهي هي ڪائي ڪرڪيٽ نه پئي ٿئي اسان کي سڀ کان وڌيڪ ملڪ لاءِ سوچڻو آهي عمران خان خط بابت اوهان جون ٻاراڻيون حرڪتون بند ڪريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *