عمران خان فوجي عدالتن جي پ پ کان وڌيڪ حمايت ڪئي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان فوجي عدالتن جي پ پ کان وڌيڪ حمايت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف کي قانونسازي ۾ حصو وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جون سموريون ڳالهيون  مڃيون آهن مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ موجب هڪ به ڳالهه ناهي ٻڌي وئي. هن چيو ته هو حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ هٿ ونڊائڻ چاهين ٿا. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڳالهين ۾ ٽئين ڌر بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *