عمران خان عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ 18 جنوري جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ حڪومت کي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاڄ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ 18 جنوري جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪميشن نه جوڙي وئي ته 18جنوري تي ڊي چوڪ تي گڏجي لائحه عمل جوڙيو ويندو. اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اين اي 122 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران 30 هزار ووٽ بوگس نڪتا آهن، پر ان تڪ تي ڳڻپ جو مسئلو نه هو، ڪيترين ئي پولنگس تي ٻئي نمبر جا بيلٽ پيپر مليا آهن. هن چيو ته پشاور سانحي سبب ڌرڻو ختم ڪيو ۽ حڪومت جو ساٿ ڏنو، تحريڪ انصاف جمهوريت تي يقين رکي ٿي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته مضبوط جمهويت پاڪستان جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري آهي. عمران خان چيو ته حڪومتي ڪميشن ۾ فراڊ پڪڙجڻ جو فائدو نه ٿيندو. عمران خان عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ حڪومت کي 18 جنوري تائين جي مهلت ڏيندي چيو ته عدالتي ڪميشن نه ٺهيو ته ٻيهر رستن تي هونداسين، 18جنوري تي ڊي چوڪ تي گڏ ٿينداسين، جتي هو اهم اعلان ڪندو. هن چيو ته اسان ٻن سالن لاءِ ڪوڙِي گوري کائڻ جِي حامي ڀري، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جڙيو ته اهو اليڪشن کي رد ڪري ڇڏيندو. عمران خان چيو ته حڪومت شفاف نموني سان اچي ها ته جاچ کان نه ڊڄي ها. ٻي شادي واري سوال جي جواب تي عمران خان چيو ته شادي ڪرڻ سنت آهي، هفتي اندر خوشخبري ٻڌائيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *