عمران خان سياسي ڳجهه آهي، ڪنهن ٻئي جي شڪار سان اقتدار جي بک نه مرندي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان هڪ سياسي ڳجهه وانگر آهي، 2013 ۾ هارائجڻ بعد ان انتظار ۾ آهي ته ڪوئي ٻيو شڪار ڪري ۽ اقتدار جي بک مري پر ايئن ڪڏهن نه ٿيندو، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير خواجا آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سياسي ڳجهه قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته عمران خان 2013 ۾ هارائجڻ باوجود ان انتظار ۾ آهي ته ڪو ٻيو شڪار ڪري پر ڪنهن ٻئي جي شڪار سان عمران خان جي اقتدار جي بک نه مرندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *