عمران خان سنڌ مان اين اي 207 تي بلاول ڀٽو جي مقابلي ۾ اليڪشن وڙهندو: رپورٽ

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ چئن ئي صوبن مان قومي اسيمبلي جي اليڪشن وڙهندو اين اي 207 ۾ امڪاني طور تي عمران خان ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ مقابلو ٿيندو سنڌ ۾ ڀٽو خاندان جي وراثتي سيٽ اين اي 207 تان ممتاز ڀٽو ۽ شاهه محمود قريشي جي مدد سان عمران خان پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪندو، رپورٽن مطابق عمران خان 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ممتاز ڀٽو جي شموليت جو اعلان چاهي ٿو جنهن لاءِممتاز ڀٽو ويجهن ساٿين ۽ سياسي دوستن سان مشاورت ڪئي آهي رپورٽ مطابق ممتاز ڀٽو تحريڪ انصاف ۾ امڪاني شموليت جي موقعي تي عمران خان کي اليڪشن وڙهڻ جي باضابطه دعوت ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *