عمران خان سمجهي ٿو ته يلغار ڪري حڪومت تي قبضو ڪري وٺندو، هاڻي ايئن نه ٿيندو: پرويز رشيد

ميانوالي (م.ڊ) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جي سوچ آهي ته يلغار ڪري حڪومت تي قبضو ڪري وٺنداسين هاڻي ايئن نه ٿي سگهندو تبديلي ووٽ سان ايندي آهي لڳي ٿو ته عمران خان 2018 ۾ به ڌانڌلي جو الزام هڻندو اسان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي پر وطن عزيز تي ڪک به برداشت نه ڪنداسين سرحدن ٻاهران ٿيندڙ هر حملي جو مڙس ٿي مقابلو ڪنداسين ميانوالي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي هئي ته دهشتگردي ۽ توانائيجي بحران معيشت جي جسم مان جان ڪڍي ڇڏي هئي. هو هي دعويٰ ته نٿا ڪن ته موجوده حڪومت سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا جڏهن ته حڪومت جي پهرين سال ۾ ئي تبديلي نظر اچن شروع ٿي ويئي آهي. اسان کي حڪومت ملي ته ڊالر 112 رپيا هو ۽ اسان ان کي 98 جي سطح تي آندوسين. پرويز رشيد چيو آهي ته هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي بابت پاڪستان جي نقطي نظر کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ لا، 5 وڏن ملڪن ۾ پاڪستاني سفير اماڻيا ويندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو هو ته حڪومت گڏيل قومن کي ڀارت طرفان سرحدن جي ڀڃڪڙين تي خط لکندي. هن چيو ته اسان ڀارتي جارحيت خلاف دنيا جي هر فورم تي وڙهنداسين ۽ دنيا کي ڀارتي فوجين طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته اسان جا سفير عالمي برادري کي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪري رهيا آهن. ملڪ جي سلامتي ۽ وقار اسان جي پهرين ترجيح آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان کي خيبر پختونخواه ۾ پنهنجي حڪومت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 2018ع ۾ عوام آڏو احتساب لا، پيش ٿينديون. هن چيو ته تبديلي هميشه ووٽ ذريعي آئي آهي ۽ مستقبل ۾ به ان لا، اهو ئي طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪنهن به قوم ڪنهن به ٻاهرين ۽ اندروني جارحيت خلاف وڙهڻ ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت لا، هر وقت تيار آهي. سڄي قوم پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي جيڪي اسان جي نسلن جي مستقبل لا، قربانيون ڏئي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *