عمران خان رڳو فيلڊنگ تبديل ڪئي. 25 اپريل تائين ڪورونا، اٽي ۽ کنڊ بحران تي حڪومتي رپورٽ جو فيصلو ٿي ويندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اٽي کنڊ بحران تي عمران خان ۽ جهانگير ترين جي لاڳاپن ۾ ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي ٿي آهي، 25 اپريل تائين ڪرونا ۽ اٽي کنڊ بحران رپورٽ تي حڪومتي فيصلو ٿي ويندو، ريلوي کي لاڪ ڊائون سبب هڪ ارب رپيا هفتو نقصان ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو ٿورائتو آهيان جيڪي نقصان تي ريلوي کي سبسڊي  ڏيندا، ماڻهو فريٽ ٽرينن تي چڙهي اچن ٿا، فريٽ ٽرينن تي سوار ٿي ايندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين، 14 اپريل تائين لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ جا امڪان گھٽ آهي، جيڪڏهن لاڪ ڊائون ختم ٿيو ته 22 ٽرينون هلائينداسين، اربع تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ريلوي جي 3 ملازمن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي چڪي آهي، مغل پورا ورڪشاپ ۾ ڪرونا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ورڪشاپ کي بند ڪيو ويو آهي جتي 10 هزار مزدور ڪم ڪن ٿا، هن چيو ته رڳو مغل پورا ورڪشاپ ۾ 12 اپريل تائين موڪل ڏني وئي آهي، ريلوي ڪيرج فيڪٽري ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارا ماڻهو موڪل ڪري سگهن ٿا، لاهور ۾ ڪرونا جو جيڪو ڪيس نڪتو اهو ٻاهران آيو هو، 12 اپريل تائين سمورن ريلوي ورڪشاپس کي ڪرونا کان فري ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *