عمران خان دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان ڌڙڪي ٿي، وزيراعظم عمران خان  بلوچستان جي ترقي کي اهميت ڏئي ٿو بلوچستان جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت سان گڏجي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا متاثرن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪنداسين. اربع تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تازين برساتن ۽ برفباري سان بلوچستان ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، هن چيو تهوزيراعظم جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان اهم ملاقات ٿي، آمريڪي صدر ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، هن چيو ته آمريڪي صدر جي ٽياڪڙي جي آڇ سان ڪشمير جو مسئلو هڪ دفعو ٻيهر دنيا ۾ اجاگر ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *