عمران خان جي پريس ڪانفرنس هڪ ناشڪري، بي اعتبار ۽ ضدي شخص جون رڙين کان سواءِ ڪجهه نه هو: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق

لاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان جي وات مان نڪتل هر لفظ نه ته قانون ٺهي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري حڪم جو درجو رکي ٿو. تحريڪ انصاف جوڊيشل ڪميشن جي معاملي تي مسلم ليگ (ن) سان ڪيل معاهدي تي فري وئي آهي. جڏهن ته اها ڳالهه طئي ٿي هئي ته منظم ڌانڌلي ثابت ٿي ته نيون چونڊون ڪرايون وينديون ٻي صورت ۾ پي ٽي آءِ پنهنجا الزام واپس وٺندي. پي ٽي آءِ کي الزام هڻڻا هئا ته جوڊيشل ڪميشن تي مسلم ليگ (ن) سان معاهدو ڇو ڪيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان جي پريس ڪانفرنس هڪ ناشڪري، بي اعتبار ۽ ضدي شخص جون رڙيون هيون. پي ٽي آءِ گمراهي ۽ غيريقيني پکيڙي جمهوريت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث هئي. عمران خان جي وات مان نڪتل هر لفظ نه ته قانون بڻجي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري اهو حڪم جو درجو رکي ٿو. ٻين کان معافين ۽ استعيفائن جي گهر ڪندڙ ڪوڙ پڪڙجڻ تي پاڻ معافي گهري استعيفيٰ ڇو نه ٿو ڏئي؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي شڪست جو سبب ڌانڌلي نه ان جي ناقص ترين ڪارڪردگي آهي. شفاف حڪمراني ۽ موثر ڪارڪردگي ڪڏهن به پيپلز پارٽي جي ڌيان جو مرڪز نه رهي ۽ پي ٽي آءِ به پيپلز پارٽي وانگر تباهي جي رستي تي هلڻ کان پاسو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *