عمران خان جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ سڌارن لاءِ پرعزم آهي: شوڪت ترين

واشنگٽن (اين اين آءِ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ سڌارن لاءِ پرعزم آهي، حڪومت آئي ٽي سيڪٽر جي بهتري لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، سفارتخانو پاڪستان واشنگٽن ۽ آئي پي اي ڪراچي جي تعاون سان پاڪستان جي معيشت تي عنوان تي سيمينار ٿيو جنهن ۾  ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان، آئي بي اي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد اڪبر زيدي، اسٽِيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد شرڪت ڪئي ناڻي واري وزير خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ سڌارن لاءِ پرعزم آهي، سمورن شعبن ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو وڌائڻ، زراعت ۽ صنعت کي جديد بنائڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ شامل آهي حڪومت آئي ٽي سيڪٽر لاءِ بهتري لاءِ به خاص قدم کڻي رهي آهي ناڻي واري وزير ناڻي روانگي جي ذريعي ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت ڪاروبار ۽ زرعي سڌارن جي ذريعي بدحال ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي اصلاح لاءِ پرعزم آهي وزيراعظم عمران خان جي رياست مدينه جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن اسد مجيد خان چيو ته آمريڪا سان ٻطرفي سيڪٽورل سطح تي ڳالهيون جاري آهن جن ۾ توانائي موسمياتي تبديلي ۽ سيڪيورٽي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن، ڊپٽي گورنر ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي ميڪرو اڪانومي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين آر ڊي اي کولين ۽ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ سيڙپڪاري ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *