عمران خان جي جذباتي سياست تان اسيمبليون قربان نه ٿيون ڪري سگهجن: نثار کهڙو

خيرپور(بيورو)  سنڌ جي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتن جي سينئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان جذباتي سياست سبب بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، سندس جذباتي سياست تان اسيمبليون قربان نه ٿيون ڪري سگهجن، شهيد راڻي بينظيرڀٽو اسيمبلين جو وجود بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، مناسب هوندو ته جمهوريت جي بقا لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن جي پارليامينٽ مان ميمبرشپ رد نه ڪئي وڃي، سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو پنهنجي رفتاري سان سکر مان اڳتي وڌي رهيو آهي اُن کي ڪٿي به رستي ۾ رنڊڪون نه آهن، چئن پنجن ڏينهن ۾ 6 کان ساڍا 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچي ويندو، هن وقت هاءِ فلڊ جي صورتحال مڪمل حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ بچاءَ بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي پئي وڃي. سکر بئراج تي ايڪسيئين سکر بئراج جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ آبپاشي نثار احمد کهڙو چيو ته هن وقت هاءِ فلڊ سيزن آهي پر ٻن ڏينهن کان پاڻي گهٽجڻ شروع ٿيو آهي، 3 ڏينهن اڳ گڊو وٽ 7 لک 54 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو هاڻ 7 لکن تي پهتو آهي، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 7 لک ڪيوسڪ آهي ليفٽ ۽ رائيٽ ڪئنالن ۾ 42 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ هيٺانهون وهڪرو گهٽجي 6 لک ڪيوسڪ جي ويجهو پهتو آهي. هن چيو ته گذريل رات سڳيون ويجهو ۽ اڄ صبح باگڙجي ويجهو بندن تي پاڻي جي دٻاءُ جون خبرون اچڻ بعد آبپاشي عملي مشينري ۽ مٽيريل سان گڏ پهچي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هن وقت سرڪاري مشينري ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڀرپور پوزيشن ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته رور سسٽم لاءِ وفاقي فلڊ ڪميشن ۾ سنڌ جو حصو 26 سيڪڙو آهي، وزيراعظم کي چيو آهي ته اسڪيمون مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊن جي رسد تمام ضروري آهي، تنهن هوندي به سنڌ سرڪار پنهنجي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ بندن کي مضبوط ۽ مرمت ڪيون پئي اچي، جڏهن ته اسڪيمون ترجيحن جي حساب سان تيار ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته گهوٽڪي جي شينڪ بند کي اسٽون پچنگ ڪري ليول وڌائي وئي آهي، جڏهن ته سمورن بچاءَ بندن کي ڇهن فوٽن تائين وڌايو ويو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لاڙڪاڻو-خيرپور پُل جي ڊزائن ۽ ماپ اڳوڻي جنرل مشرف جي دور ۾ منظور ٿي هن پُل جي ويڪر سوا ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته دادو-مور ۽ آمري-سڪرنڊ پُل جي ويڪر 2-2 ڪلوميٽر آهي، لاڙڪاڻو-خيرپور پُل جي ماپ به 2 ڪلوميٽر ٿيڻ گهرجي، ان وڏي منصوبي جي اسٽڊي لاءِ بعد ۾ سوچي سگهجي ٿو، في الحال درياهه جو مکيه وهڪرو پنهنجي رفتار سان وڃي رهيو آهي، ان ۾ ڪابه رنڊڪ نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي سينئر وزير چيو ته پيپلزپارتي اسيمبلين ۽ جمهوريت لاءِ وڏا جتن ۽ قربانيون ڏنيون آهن، شهيد ڀٽو کانپوءِ شهيد راڻي کي اسان کان ڌار ڪيو ويو اسان هميشه ڦاسيون قبوليون آهن، شهيد راڻي جي قربانيءَ کانپوءِ به اسان چيو ته اسيمبليون ۽ جمهوريت کپي، عمران خان جي جذباتي سياست تان اسيمبليون قربان نه ٿيون ڪري سگهجن. هن چيو ته عمران خان پنهنجي جذباتي سياست سبب بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، 18 رانديگرن سان گڏ کيڏندڙ ڪپتان پارٽيءَ جا 18 ماڻهو نه ٿو سنڀالي سگهي، سندس هڪ ليڊر ٻي ته ٻيو ليڊر ٽين ڳالهه ڪري رهيو آهي، 18 ڪروڙ عوام جي سياست کي هڪ ماڻهو جي جذبات تان قربان نه ٿا ڪري سگهون، جمهوريت جي بقا لاءِ مناسب هوندو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي اسيمبلين جي ميمبرشپ تان نه هٽايو وڃي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻوڏ ۽ برسات جي تازي صورتحال سبب زميني حقيقتن تحت مڪاني چونڊون پٺتي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وئي آهي، پر سنڌ حڪومت توڙي پيپلزپارٽي مڪاني چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهن. سينئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ ڏوهارين ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف آپريشن ڪلين اپ هلي رهيو آهي، رينجرز وٽ ضرور ڪي بنياد ۽ شاهديون هونديون جو هُنن ٽارگيٽ ڪلرز جي لسٽ بابت خط فاروق ستار کي لکيو آهي، هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي آپريشن سبب ڪراچي جون روشنيون وري بحال ٿيون آهن ۽ ماڻهو سک جو ساهه کڻڻ جو اظهار ڪري رهيا آهن، 92 وارو آپريشن اُن وقت جي حڪومت حالتون ڏسي ڪيو هو پر هاڻ ايم ڪيو ايم پاڻ آپريشن جو وفاق کان مطالبو ڪيو هو. صوبائي وزير اطلاعات ۽ آبپاشي وڌيڪ چيو ته سکر بئراج دُنيا جي وڏي بئراجن ۾ شمار ٿئي ٿي پر گڊو بئراج کي به 5 سال ٿيا آهن، جتان 14 کان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو آهي، گڊو بئراج جي مرمت واري اسڪيم هلندڙ سال شروع ٿي ويندو. سکر بئراج تي پيزو ميٽر خراب هئڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته ڊجيٽل نظام کي سڄي ملڪ ۾ ڪنيڪٽ ٿيڻو هو، جيڪو نه ٿي سگهيو، پر مشينري موجود آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سڄي سنڌ ۾ صوبائي سطح تي ان سسٽم کي ڪنيڪٽ ڪري وٺون ته جيئن گڊو کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻي جي صورتحال جو ته پتو پئجي سگهي. ان موقعي تي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، خاص معاون ڊاڪٽر ارشد مغل، آبپاشي سيڪريٽري ظهير حيدر شاهه، چيف انجنيئر سکر بئراج ولي محمد نائچ ۽ ٻيا پڻ سينئر صوبائي وزير سان گڏ موجود هئا. بعد ۾ سينئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ آبپاشي نثار احمد کهڙو خيرپور جي اُلرا جاگير بند جو معائنو ڪري بندن جي نگراني ۽ مرمتي ڪم جو جائزو ورتو. الرا بند تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو زمينداري بند قائم ڪندڙن کي خبردار ڪيو ته جيڪي به زمينداري بند آهن اُهي پاڻ ختم ڪن ٻي صورت ۾ حڪومت بند ڊاهي ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته انهن زمينداري بندن سان بچاءُ بندن تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ مقامي آبادي کي جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي. هن واضح ڪيو ته بندن کي ڪوبه خطرو نه آهي ۽ ٻوڏ جو دٻاءُ 10 ڏينهن اندر گهٽجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *