عمران خان جي تقرير دوران شهيدن جي وارثن جو احتجاج، مطالبا پيش، اسان جي ڪوتاهي آهي ته ٻڌايو: ڪپتان

پشاور (م.ڊ) آرمي پبلڪ اسڪول ۾ آڪائيو لائبرري جي افتتاح جي موقعي تي عمران خان جي تقرير دوران شهيدن جي وارثن پاران احتجاج ۽ نعري بازي شروع ٿي وئي،جنهن تي پرويز خٽڪ کي به اسٽيج تي اچڻو پيو ۽ عمران خان شهيدن جي وارثن مان ڪجهه ماڻهن کي  اسٽيج تي گهرايو ۽ اسٽيج انهن لاءِ ڇڏيندي هدايت ڪئي ته  اسان جي ڪوتاهي آهي ته ٻڌايو،واري واري سان پنهنجا مطالبا پيش ڪيو،اسان کان جيڪو پڳو اهو ڪنداسين،ٻارن جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي لاپرواهي نه ڪئي ويندي.ان کانپوءِ هڪ ٻار جي مائٽ ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي کنيل قدمن کي اسان ساراهيون ٿا پر اسان کي پلاٽ،پيسا يا گهر نه گهرجن،رڳو انصاف کپي.هڪ سال ۾ صوبائي حڪومت ڪهڙي ذميواري پوري ڪئي آهي؟آئي جي نااهلي جو اعتراف ڪيو پر  هن وقت تائين ان کي لاٿو ناهي ويو،اسان سان ڪيل واعدا اڄ تائين پورا ناهن ڪيا ويا،پشاور سانحي جي ذميوارن کي پڪڙڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي،سياستدان اچن وڃن ٿا پر شهيدن جي وارثن وٽ نٿا اچن.ان کانپوءِ عمران خان تقرير ڪندي چيو ته  سندس ماءُ ڪينسر جي مرض ۾ ورتل هئي ۽ ان ئي مرض ۾ هو لاڏاڻو ڪري وئي،ايمان وڏو ڪمزور ٿيو،اها ماءُ جيڪا ٻارن سان پيار ڪندي هئي اها وڇڙي وئي پر ان ئي دوران خبر پئي ته پاڪستان ۾ ڪو به  ڪينسر جو اسپتال ناهي ۽ اڄ شوڪت خانم کي هر ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو،ان وقت خبر پئي ته الله تعاليٰ کي مون کان ڪو وڏو ڪم وٺڻو هو.هن چيو ته جڏهن جمائما کان ڌار ٿيس ۽ ٻار وڇڙيا ته گهڻو ڏک ٿيو،مان پاڻ پيءُ آهيان،شهيدن جو ڏک سمجهي سگهان ٿو،جيستائين توهان جو ڌرڻي تي اعتراض آهي ته اهو منهنجي ذات لاءِ نه هو،مون وٽ منهنجي ذات لاءِ هر ضرورت جي شي موجود آهي،عمران خان ٻڌايو ته ڌرڻي جي دوران شهيد ٻارڙن جون تصويرون ڏٺيون ته اهو فيصلو ڪيو هو ته سڀ ڪجهه ڇڏي انهن ظالمن جي پويان وڃڻو آهي،اها ڪابه سياست ناهي،عمران خان به هڪ انسان آهي،ٻار ته واپس نٿو آڻي سگهان،سڀ کان وڏي دعا اها آهي ته الله توهان کي صبر ڏئي.باقي وزيراعظم نوازشريف هڪ يونيورسٽي جو اعلان ڪيو،عمران خان شاگردن کي خوشي واري خبر ٻڌائي ته هري پور ۾ خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي هري پور ۾ ٺاهي پئي وڃي،جيڪا شهيدن جي نالي تي ٺاهي ويندي ۽ جلد ئي ٺاهه تي صحيح ٿيڻ واري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *