عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي، ڪرسي ڇڏي لنڊن ڀڄڻ وارو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گهوٽڪي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي  وئي آهي، هو ڪرسي ڇڏڻ کانپوءِ لنڊن ڀڄڻ وارو آهي. گهوٽڪي ۾ عوامي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني صوبن جو عوام هن وقت تڪليف ۾ آهي، هر شخص جي زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي، تبديلي جو نعرو تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، هي نئون نه مهانگو پاڪستان آهي. هن چيو ته حڪومت ووٽن سان ٺهي ها ته ان کي احساس به هجي ها، امپائر جي آڱر سان ٺهيل حڪومت ٺهي ته ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي، تبديلي آڻيندڙ تبديلي جي نالي تي بحران پيدا ڪيو، هٿ ٺوڪيو عوام ڏانهن نه امپائر ڏانهن ڏسندو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان! حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ميڊيا جو ڪم هوندو آهي، اهي ڪير آهن چوڻ وارا ته اسان تي تنقيد نه ڪيو، اسان کي ان سليڪٽڊ ۽ هٿ ٺوڪئي نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي، حق وٺڻا نه کسڻا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت تان عوام جو اعتماد کڄي چڪو آهي، بجلي ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ ڊرامي بازي آهي، عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، جيالن جو لشڪر اسلام آباد پهچندو، پنجاب ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو. هن چيو ته اسان پرامن ۽ جمهوري ماڻهو آهيون عدم اعتماد اسان جو جمهوري هٿيار آهي جيڪو اسان استعمال ڪنداسين وزيراعطم جي خلاف اسان عدم اعتماد آڻينداسين جيڪو شخص ڪرسي تي ويٺو آهي ان جو مستقبل نه آهي هن چيو ته سليڪٽڊ آصف زرداري کي گرفتار ڪرايو ۽ انهيءِ سليڪٽڊ فريال ٽالپر کي رات جي اونداهي ۾ جيل اماڻي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *