عمران خان جو ڪميشن کان پوئتي هٽڻ نواز شريف جي اخلاقي فتح آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪندڙ عمران جي پيرن هيٺان زمين سرڪڻ شروع ٿي وئي آهي، عمران خان پنهنجي سياست ۽ ڌرڻا فن فيئر جا خرچ برداشت ڪندڙ ساٿين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ سبب عدالتي ڪميشن جي مخالفت ڪري رهيو آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿين کي خبر آهي ته عدالتي ڪميشن جي 4 ڏينهن جاچ ۾ انهن جا سمورا پول کلي ويندا، جيڪڏهن ڪا به جماعت ٽي آر اوز ۾ وڌيڪ ڪجهه شامل ڪرائڻ چاهي ٿي ته هو ان لاءِ به تيار آهن، هن چيو ته عمران خان کي ڀڃڻ نه ڏنو ويندو، مسلم ليگ ن جي قيادت 3 ڀيرا ڪڙي احتساب مان گذري آهي، هاڻ عمران خان ۽ سندس ساٿين کي پهريون ڀيرو ان مان گذرڻو پوندو، کيس اٽي ۽ دال جي قيمتن جي خبر پئجي ويندي، پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪا به عوامي رابطا مهم شروع نه ڪري رهيو آهي پر وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي سلسلي ۾ منصوبن جو سنگ بنياد رکڻ آهي، هن چيو ته عمران خان گوشوارن ۾ جيترو ٽيڪس ظاهر ڪري ٿو ان سان ته بني گالا جي 370 ڪينال جي گهر جو بل به پورو نٿو ٿئي، ماروي ميمڻ کي چوندس ته کيس بيت المال مان ڪچن هلائڻ لاءِ امداد ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ بئريسٽر ظفر الله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پرويز رشيد چيو ته پاناما پيپرز ۾ وزيراعظم جو ذاتي طور تي ڪو به حوالو درج ناهي، سندس خاندان جي جن ماڻهن جو آف شور ڪمپني جي حوالي سان نالو آيو آهي ان تي به پاناما پيپرز ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه درج ناهي جيڪا پاڪستان ڪنهن به قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ هجي. هن چيو ته پهريان ڪميشن کي رٽائرڊ ججن تي مشتمل هئڻ هو ۽ ان جو سبب اهو ته 2014 ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن بنايو ويو هو جنهن ۾ 2 حاضر معزز جج به شامل هئا انهن تي به عمران خان طرفان گند اڇلايو ويو، الزام هنيا ويا، ان کانپوءِ پاڪستان جي قانون برادري جي راءِ هئي ته هاڻ حاضر سروس ججن کي ان امتحان ۾ وجهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن ججز کي عدليه ۾ ڪم ڪرڻو هجي ٿو ۽ جيڪڏهن سندن مٿان گند اڇلايو وڃي ته انهن کي عدليه جا فرائض انجام ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ڪو به حاضر سروس ڪو ڏوهي به حاضر سروس جج تي عمران خان جي الزامن کي ورجائي سگهي ٿو ان لاءِ احتياط ڪيو ويو آهي ان معاملي کي رٽائرڊ ججز جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ انتهائي نيڪ نالا ۽ باڪردار رٽائرڊ ججز جا نالا تجويز ڪيا آهن پر عمران خان جي رويي ان ڪم کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان چيلينج قبول ڪيو آهي ۽ چيلينج کي اهو ئي قبول ڪري ٿو جنهن جو دامن صاف ۽ دل ۾ سچائي ۽ ڪا به کوٽ نه هجي جيڪڏهن اسان جي ضمير تي ڪو ٻوجهه هجي ها ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪريون هان، هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد کي جڏهن پهريون ڀيرو وزارت عظميٰ جي ذميواري ملي هئي ان وقت مسلم ليگ ن جي قيادت جو احتساب ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر بينظير ڀٽو شهيد کي وزارت عظميٰ ملي تڏهن به احتساب ڪيو ويو، ٽيون ڀيرو جنرل پرويز مشرف احتساب ڪيو پر هڪ رتي جي برابر به بدعنواني ثابت نٿي ۽ سرڪاري وسلين کي استعمال ڪرڻ جو به ثابت نه ٿي سگهيو، پرويز رشيد چيو ته پاناما پيپرز ۾ سندن مٿان الزام ناهن لڳا پر اخلاقي ذميواري سمجهندي عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ خط لکيو ويو آهي، هن چيو ته ان لاءِ جامع ٽي آر اوز آهن، عمران خان سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن عدالتي ڪميشن لاءِ عملي قدم کنيا ويا ته عمران خان جي پيرن هيٺان زمين سرڪڻ شروع ٿي وئي ڇاڪاڻ ته سندس دل ۾ چور هو، جڏهن ته هن ابتي پير ڀڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي معلوم آهي ته سياست ۾ جيڪي ماڻهو سندس خرچ برداشت ڪن ٿا اهي ٽيڪس چوري ۾ ملوث آهن، غير قانوني طور تي دولت گڏ ڪرڻ ۾ به ملوث آهن. هن چيو ته سندن بليڪ مني آهي جنهن سان فن فيئر منعقد ڪيا پيا وڃن پر 126 ڏينهن جو فن فيئر ٿيو ۽ 24 اپريل تي اسلام آباد ۾ پتلي تماشو ٿي رهيو آهي اهو پيسو انهن ئي ماڻهن جو آهي. پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان موجود ماڻهن خلاف عدالتن جا فيصلا موجود آهن، ان جو اي او آءِ بي ڪيس سامهون آيو ۽ پيسا واپس ڪيا ويا، قبرستان جي زمين تي قبضن جا الزام لڳا آهن. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي ضمير جي ٻوجهه ۾ دٻيل آهي جڏهن ڪميشن جاچ ڪندو ته 3 چئن ڏينهن ۾ سمورا پول کلي ويندا، بينڪن کان قرض معاف ڪرائي هڙپ ڪرڻ، پرڏيهي ملڪن ۾ جائيداد حاصل ڪرڻ وارا معاملا سامهون ايندا، ان جي ڪري کين ٽي آر اوز ناقابل قبول آهن. هن چيو ته عمران خان گوشوارن ۾ جيترو ٽيڪس ظاهر ڪري ٿو ان سان بني گالا جي 370 ڪينال جي گهر جو بل به پورو نٿو ٿئي، ماروي ميمڻ کي چوندس ته عمران خان کي گهر جو بل ۽ سندس ڪچن جو خرچ هلائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بيت المال مان مدد ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس آمدني جو ڪو ذريعو ناهي جنهن سان سندس گهر جو چلهو هلي سگهي، هن چيو ته خان صاحب جو ڪهڙو ڪاروبار آهي کين اڄ تائين ان جي نالي جي خبر ناهي، سندس آمدني جي ذريعن بابت ڄاڻ ناهي پر بينڪ ڊفالٽر ۽ ٽيڪس چوري ڪندڙن لاءِ ٽي آر اوز جو ذڪر آيو آهي ته هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي جماعت جي هڪ رڪن اڪبر ايس احمد اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي ته عمران خان دنيا مان چندو گڏ ڪري ٿو ۽ ان جو غلط استعمال ڪري ٿو، خرچ وڌيڪ آهن ۽ چندو گهٽ ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته ڳالهه نڪتي آهي ته پري پري تائين ويندي. هن چيو ته عمران خان ڀڃڻ نه ڏنو ويندو. پرويز رشيد چيو ته هو ڪنهن کي ڊيڄارڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي وري ڪنهن کان ڊڄي رهيا آهن، عمران خان جو مطالبو هو ته پاناما معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي جيڪو اسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ٽي آر اوز جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف ڪميٽي بڻائي هئي جنهن مڙني جماعتن سان رابطا ڪيا آهن، ٽي آر اوز جي حوالي سان جيڪي عوام جي ميڊيا ذريعي راءِ آئي هئي ان بابت ئي بڻايو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو رهجي ويو آهي ته اهو ٻڌائي ان کي به شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته عمران خان جو خيال هو ته ڪميشن نه ٺهندو پر اسان کيس پڪڙي ورتو آهي جنهن بعد هاڻ هن هيلا بهانا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان سموري معاملي ۾شهباز شريف ۽ سندس خاندان جا ماڻهو منظر عام تان غائب هجڻ واري سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته ڪو به پڪچر کان آئوٽ ناهي، شهباز شريف جون تقريرون هر روز ٻڌون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2013 ۾ چيو پيو ويو ته پاڪستان ڊفالٽر ٿي ويندو، اسان حڪومت سنڀالڻ سان ئي فوري طور آءِ ايم ايف جي قرض جي قسط ڏني، نواز شريف جي قيادت ۾ نه صرف پاڪستان کي ڊفالٽر ٿيڻ کان بچائي پر اقتصادي راهداري جي نالي سان تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري کڻي آياسين، عمران خان پهريان چيو ته سي پيڪ جو ڪو به وجود ناهي وري چيو ته چين جو صدر پاڪستان نه ايندو، پر اسان سندس سازشن کي ناڪام بڻايو ۽ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هن چيو ته حڪومت جنهن رفتار سان ڪم ڪيو ان جي چين به تعريف ڪئي آهي، ان جي منصوبي جي تڪميل ڏانهن وڌي رهيا آهيون، تمام گهڻن هنڌن جو تعين ڪيو آهي، هن چيو ته مخالفن کي فڪر آهي ته جيڪڏهن اهو مڪمل ٿيو ته انهن جو ڇا ٿيندو ان لاءِ نواز شريف جي حڪومت جو رستو روڪيو. هن چيو ته وزيراعظم هائوس مان ڪا پريس رليز جاري ناهي ٿي ته وزيراعظم عوامي رابطا مهم شروع ڪري رهيو آهي پر وزيراعظم کي سي پيڪ منصوبن جو افتتاح ڪرڻ ۽ تقريبن کي خطاب ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *