عمران خان جو ڪراچي جو جلسو مڪ مڪو هو، هو هاڻي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جو جلسو مڪ مڪا هو، اڄ عمران خان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ڪراچي ويو هو، جلسي ۾ جاويد هاشمي متعلق نامناسب لفظ استعمال ڪيا ويا، پرويز رشيد چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻا ناڪام ٿي چڪا آهن، عمران خان چيو هو ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ موجود رهندس، پر روزانه ڌرڻي مان اٿي بني گاله وڃي ٿو، عمران خان اقليتن سان زيادتي جي ڳالهه ڪري ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ سک برادري جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن، عمران خان جي حرڪت جي ڪري ٻن دوست ملڪن جا سربراهه پاڪستان اچڻ کان گهٻرائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *