عمران خان جو پلان ”سي“ ڊي تائين نه پهچي سگهندو: منظور وساڻ

لاهور (بيورو) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته عمران خان جو پلان ”سي“ ڊي تائين نه پهچي سگهندو، ان کان اڳ ئي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، ايم ڪيو ايم جهيڙا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ماهر آهي. لاهور ۾ پ پ جي يوم تاسيس جي موقعي تي پارٽي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ ماضي ۾ هر حڪومت ۾ شامل رهي آهي، جهيڙا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ان جو طريقيڪار آهي. هن چيو ته ڪراچي جون حالتون پرويز مشرف جي حڪومتي دور کان خراب آهن، شهر ۾ ايراني تيل، قبضا گروپ ۽ ٻين مافيائن جي ويڙهه آهي. منظور وساڻ چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز سٺو ڪرادار ادا ڪري رهيون آهن، جنهن تي ڪنهن کي به خدشا نه هئڻ گهرجن. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو پلان سي ناڪام ٿي ويندو ۽ اهو ڊي تائين نه پهچندو، ان کان اڳ ئي حالتون بهتر ٿي وينديون. منظور وساڻ چيو ته سڄو ملڪ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي مذمت ڪري ٿو، سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جاچ ڪري رهي آهي، اميد آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *