عمران خان جو نئين پاڪستان وارو ماڊل افسوسناڪ آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فيصل آباد سانحو پنجاب حڪومت جي نااهلي جو کليل ثبوت آهي. عمران خان جي نئين پاڪستان جي حقيقت هاڻ هن ملڪ جي عوام تي ظاهر ٿي چڪي آهي ته هو جهيڙي ۽ مارڌاڙ جي پاليسي اختيار ڪري ورتي آهي. ڪراچي ۾ 12 ڊسمبر تي تحريڪ انصاف جي احتجاجتي کين مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. پي ٽي آئي جي ليڊرشپ کي گهرجي ته هو ڪراچي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي احتجاج لاءِ ڪجهه جايون مختص ڪري وٺي ها ته کين سڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي. زبردستي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ ملڪ جي معيشيت لاءِ فائديمند نه آهي البته جيڪڏهن ڪير پاڻ احتجاج تي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪري ٿو ته ان ۾ حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه هوندو. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوس جوڳو آهي. ان واقعي پنجاب حڪومت ۽ ن ليگ جي نااهلي کي ثابت ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا هڪ جماعت احتجاج ڪري ٿي ته ٻي جماعت کي گهرجي ته هو پنهنجن ڪارڪنن کي انهن آڏو نه بيهاري. هن چيو ته اهڙي طرح جي سياست سان ملڪ جهيڙي طرف وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي ليڊرشپ پاران سڀاڻي کان پوءِ ان جي نئين پاڪستان جو ماڊل به عوام سامهون اچي ويو آهي ته هو جهيڙي، مار ڌاڙ جي سياست چاهي ٿو. شرجيل ميمڻ چيو ته اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر رونما نه ٿين ان جو ڀرپور خيال رکڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن ٻيهر ڪٿي به ايئن ٿيو ته اهو ملڪ لاءِ خطرو هوندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 12 ڊسمبر تي عمران خان جي سڏتي کين مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجن ڪارڪنن کي ڪنهن به صورت ۾ انهن آڏو نه آڻيندي. هن چيو ته پرامن احتجاج سمورين سياسي جماعتن جو حق آهي ۽ اسان اڳ به عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ سڪيورٽي فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ به پي ٽي آءِ  جي مقامي ليڊرشپ سان 12 ڊسمبر جي حوالي سان ڳالهائيندي ان کي چوندي ته هو ضرور پنهنجو احتجاج ڪن پر، پرامن طور ڪن. هن چيو ته ڪراچي جي صورتحال ۽ هتي دهشتگردي جي حوالي سان سڀ آگاهه آهن ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته تحريڪ انصاف 12 ڊسمبر تي ڪجهه هنڌ مختص ڪري اسان کي ٻڌائي ته کين مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته زبردستي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ کي بند ڪرائڻ ملڪي معيشيت کي تباهي طرف ڌڪڻ جي برابر آهي ۽ ان جي اسان ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين البته جيڪڏهن ڪير پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ رضاڪاراڻي طور بند ڪري ٿو ته حڪومت کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هوندو. هن چيو ته زبردستي ڪاروبار بند ڪرائڻ سان جتي ملڪي معيشيت کي نقصان ٿئي ٿو ته ٻي طرف لکن جي تعداد ۾ روزانه پورهئي تي ڪم ڪندڙن کي به بک کي منهن ڏيڻو ٿو. ان لاءِ منهنجي پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي جماعتن کي گذارش آهي ته هو احتجاج ضرور ڪن پر ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ کي زبردستي بند ڪرائڻ کان پاسو ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *