عمران خان جو بي اعتمادي رٿ کي واپس ڪرائڻ لاءِ پراپرٽي بزنس ٽائيڪون ذريعي آصف زرداري سان رابطي جو انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي خلاف پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي طرفان جمع ڪرايل بي اعتمادي رٿ واپس ڪرائڻ لاءِ ملڪ جي هڪ وڏي پراپرٽي بزنس ٽائيڪون جي ذريعي پ پ جي ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان رابطو ڪري هي پيغام اماڻيو هو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي بي اعتمادي رٿ تان هٿ کڻي ته تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي گڏجي هلي سگهن ٿيون  جڏهن ته آصف علي زرداري انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته (ق) ليگ جي به هڪ اهم اڳواڻ ان بزنس ٽائيڪون کي مشورو ڏنو هو ته هو بي اعتمادي رٿ جي عمل کان پاڻ کي الڳ رکي تفصيل مطابق هڪ خانگي ٽي وي چينل دعويٰ ڪئي ته عمران خان 27 مارچ کان اڳ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ روڪرائڻ لاءِ ملڪ جي مشهور بزنس مين ملڪ رياض جي ذريعي آصف علي زرداري سان رابطو ڪيو هو ۽ کيس اهو پيغام اماڻيو هو ته پيپلزپارٽي ووٽنگ جو حصو نه بڻجي ته مستقبل ۾ اسان گڏجي هلي سگهون ٿا پر آصف علي زرداري ان بزنس مين کي صاف انڪار ڪري ڇڏيوهو ۽ چيو ته هاڻي معاملا گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن اسان پوئتي واپس نٿا وري سگهون (ق) ليگجي هڪ اڳواڻ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان پوءِ جڏهن (ن) ليگ پاران چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته صحافين سان هڪ ملاقات جي موقعي تي ان بزنس مين بابت پڇڻ تي ٻڌايو هو ته اسان ته کيس مشورو ڏنو ته هو بي اعتمادي رٿ جي هن عمل کان پاڻ کي الڳ رکي ڇو ته ان جا نه صرف عمران خان پر آصف علي زرداري ۽ شريف فئملي سان به ويجها لاڳاپا آهن فواد چوڌري ملڪ رياض جي ذريعي جڏهن آصف علي زرداري سان عمران خان جي رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي اهي ۽ چيو ته ڪجهه ماڻهو اجايو غلط خبرون ڏئي رهيا اهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *