عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪو ولي پير يا قسمت جو هال ٻڌائڻو وارو نه آهي پر عمران خان جلد انجام کي پهچڻ وارو آهي، عمران خان ۽ عليمه خان خلاف پڪا چارجز موجود آهن، انهن جو جلد سخت احتساب ٿيندو، ميڊيا رپورٽس موجب جيل ۾ ملاقات لاءِ آيلن سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان اهڙو کلاڙي آهي جنهن کي تماشائي جلد اسٽيڊيم کان ٻاهر ڍڪا ڏئي ڦٽو ڪندا، ان جو بني گالا ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ايمپائر جي آڱر جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي، هو راند دوران هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اسان عوام جي مينڊينٽ سان آياسين ۽ هي عوام جي مينڊيٽ کان محروم آهي، عمران خان بي انتظامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت تي الزام مڙهي رهيو آهي، ان جي نااهلي ملڪ کي تباهي جي ڪناري بيهاريو آهي، نواز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي دور ۾ ڀارتي وزيراعظم پاڻ هلي پاڪستان آيو، ڀارتي وزيراعظم کي ڪنهن حلف برداري ۾ نه گهرايو، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته دنيا کي پاڪستان جي اهميت جو اندازو ٿيو، جڏهن ڪو پاڻ اندر وڃڻ وارو هوندو آهي ته اهو پهريان ٻين کي اندر موڪليندو آهي، موجوده حڪومت اجايو وڏن سياستدانن کي جيل موڪلي رهي آهي، اسان آءِ ايم ايف کي الوداع چئي ڇڏيو هو ۽ هي ان اڳيان گوڏا کوڙي رهيا آهن، ن ليگ ڀريل خزانو ڇڏيو، موٽر وي ٺاهيا، دهشتگردي ۽ مهانگائي گهٽائي، ملڪ ۾ بجلي سستي ڪري ڇڏي، عمران خان چوندو هو ته آپگهات ڪندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، هن آپگهات ته نه ڪيو پر قوم کي آپگهات تي مجبور ڪيو آهي، نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ ڊالر ڪنٽرول ۾ رهيو ۽ ذخيرا وڌيا، تيل جو اگهه گهٽ ٿيو، اسان جي دور ۾ ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو تي پهچي وئي هئي، عمران خان جي دور ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو ناهي رهي، عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم نه هجي ها ته اڄ ملڪ جي حالت بهتر هجي ها، هن 10 مهينن ۾ قوم کي مايوس ڪيو، اسان جي دور ۾ زندگي جي ضرورت جي هر شيءِ سستي هئي پر اڄ عوام جون رڙيون نڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *