عمران خان جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين جي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان، ناراض اڳواڻ جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين جِي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رٽائرڊ جسٽس وجيهه الدين جِي ميمبرشپ پارٽي پاليسي بابت بيان ڏيڻ تي معطل ڪئي وئي آهي. شيرين مزاري چيو ته پارٽي پاليسي بابت بيان ڏيڻ کان منع ڪرڻ باوجود وجيهه الدين هڪ خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏنو. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته وجيهه الدين جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جو هڪ سبب پارٽي اڳواڻن تي بي بنياد الزام لڳائڻ به آهي. شيرين مزاري چيو ته وجيهه الدين پارٽي کي مخالفن کان به وڌيڪ نقصان پهچايو، جيڪا ڳالهه برداشت جوڳي نه هئي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جِي انٽرا پارٽي اليڪشن جِي جاچ ڪميشن جَي سربراهه وجيهه الدين جهانگير ترين، عليم خان ۽ پرويز خٽڪ سميت 4 پارٽي اڳواڻن کي انٽرا پارٽي اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ تي پارٽي مان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر عمران خان اهڙي فيصلي تي عمل ڪرائڻ بدران ابتو وجيهه الدين کي معطل ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *