عمران خان تي ڪنهن کي يقين ناهي، غنڊاگردي برداشت نه ڪبي: وفاقي گھرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران نيازي ڪوڙو آهي، جٿا ۽ غنڊا گردي برداشت نه ڪئي ويندي. هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته معيشت تباهه ڪرڻ وارا مارچ جو اعلان ڪري اهي معاشي بحالي کي روڪڻ لاءِ نڪري رهيا آهن، عمران نيازي جي ٻولي ۾ ڏڦيڙ آهي، هو پرامن نٿو رهي سگھي. هن چيو ته 2014 ۾ 126 ڏينهن غنڊا گردي ڪئي وئي، پارليامينٽ ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ٿيا، 2014 ۾ به عمران خان ڪوڙ ڳالهايو، هن تي ڪنهن کي يقين ناهي. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي جمهوريت جي قبر کوٽيندڙ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون منهن ڏيندو، شرافت جي دائري ۾ جيڪو نڪرندو، قانون انهي کي شرافت جي دائري ۾ واپس آڻيندو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد آزادي مارچ جو اعلان ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *