عمران خان تي اسان جي اک ئي نه ٿي ٻڏي، پيپلز پارٽيءَ کي ڪو به نه ڇڏي رهيو آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان تي اسان جي اک ئي نه ٿي ٻڏي، پيپلز پارٽيءَ کي ڪو به نه ڇڏي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويندڙن جا نالا جڏهن ظاهر ٿيا ته پوءِ ان تي تبصرو ڪيو ويندو پر پيپلز پارٽيءَ کي جنهن به ڇڏيو آهي اهي ڪٿان جا نه رهيا آهن ۽ ماضيءَ ۾ پارٽي ڇڏيندڙ وڏا وڏا نالا ۽ انهن جي حيثيت پڻ سڀني جي سامهون آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ پارٽيءَ جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي ۽ پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نئون ديرو هائوس ۾ پارٽيءَ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ سکر ڊويزن جي پارٽي عهديدارن ، چونڊيل نمائندن جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽيءَ تي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو صرف الزام آهي، پيپلز پارٽي هر اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي ۽ مڪاني چونڊن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو ويندو جيڪي جماعتي بنيادن تي ڪرايون وينديون ۽ مڪاني چونڊن لاءِ اميدوار پارٽيءَ کي ٽڪيٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرائي رهيا آهن ۽ گڏيل مشاورت کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ پارٽيءَ پاران مڪاني چونڊن جي اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ سڀئي پارٽي فيصلن تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا ۽ پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پارٽي پاران ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد پاران پيپلز پارٽي بابت مڪافات عمل وارو بيان زيادتي آهي ۽ هو جذبات ۾ اچي ڳالهائي ويندو آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ٻين سياسي اڳواڻن وانگر معاهدا ڪري ملڪ کان ٻاهر نه ڀڄي وئي ان ڪري شهيدن جي ان جماعت لاءِ مڪافات عمل چوڻ زيادتي آهي. هن چيو ته هڪ طرفيون ڪاروايون سياسي انتقام آهن ان ڪري احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر عاصم جا ايم ڪيو ايم سان لاڳاپا آهن ته ان جو مطلب اهو نه آهي سندس تعلق دهشتگردن سان جوڙيو وڃي؟ اهو عمل افسوسناڪ هوندو. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي عدالتي جاچ رپورٽ تي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ بندش پيل تنظيمن سان ڳٺ جوڙ ۾ راڻا ثناءُ الله جي خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف جي 90ع واري سياست سان ڌڙا بندي پيدا ٿيندي جنهن سان جمهوري ادارن کي نقصان ٿيندو ان ڪري انتقامي ڪاروايون نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيندڙ سکر ڊويزن جي اجلاس ۾ پارٽي معاملن، مڪاني چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي عهديدارن کي ڪارڪنن سان رابطو وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ پارٽي جي تنظيمي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تفصيلي ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جيڪو جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *