عمران خان بجيٽ منظور نه ٿيڻ جي خوف جو شڪار آهي، عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان بجيٽ منظور نه ٿيڻ جي خوف جو شڪار آهي. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتن تي پابندي فسطائي سوچ آهي. هن چيو ته نواز شريف جي فسطائي سوچ جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ذاتي ڊاڪٽر سان ملڻ کان روڪڻ افسوس جوڳو ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، پنجاب حڪومت جڙتو آهي،  سڀ ڪجهه عمران خان نيازي جي اشارن تي ڪيو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم ٽي ڀيرا چونڊيل ۽ عوام کي رليف ڏيندڙ وزيراعظم کان ڊنل آهي، ڀلي ڇا ڪيو وڃي، عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم تي بجيٽ جو ظلم هلڻ نه ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *