عمران خان بجلي پيدا ڪرڻ بدران چوري ڪرائيندو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ پرويز خٽڪ پنهنجي نااهلي جي ذميواري وفاق تي نه وجهن، پنهنجي ناڪامين جو ذميوار ٻين کي چئي توهان عوامي احتساب کان نٿا بچي سگهو. پي ٽي آءِ سربراهه ۽ ڪي پي جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب! توهان جي 350 ڊيم ٺاهڻ واري دعويٰ ڪيڏانهن وئي، بجلي ايم او يو سان نه پر ڪارخانا هڻڻ سان ٺهندي آهي. هن چيو ته پرويز خٽڪ صاحب گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪهڙي ڳالهه ۽ عمران خان سان گڏ ويهي ٻي ڳالهه ڪندو آهي، سڄي قوم کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، عمران خان جيترو به ڪوڙ ڳالهائي قوم کي سندس اصليت جي خبر آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جنهن وقت ڪنٽينر تيار ڪري رهيو هو ان وقت وفاقي ۽ پنجاب حڪومت عوام لاءِ توانائي ۽ بجلي جا منصوبا لڳائي رهي هئي، جيڪي اڄ مڪمل ٿي رهيا آهن، شهباز شريف سان ساڙ ڪرڻ بدران عمران خان محنت جي عادت ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب توهان بجلي ٺاهيندا ناهيو پر ڪي پي ۾ ويندڙ بجلي چوري ڪرائيندا آهيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *