عمران خان اين اي 122 تي ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهري ڪري ڇڏي، ٽربيونل ۾ درخواست داخل

لاهور (بيورو) پـِي ٽـِي آءِ سربراهه عمران خان، لاهور جـَي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ جوڙيل لوڪيشن ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وڪيل پاران اليڪشن ٽربيونل لاهور ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لوڪل ڪميشن جي رپورٽ کان اڳ بيانن جاري ڪيا ويا، جنهن سان شڪ پيدا ٿيا آهن، کيس ان تي اعتماد ناهي. عمران خان اهو به موقف اختيار ڪيو ته لوڪل ڪميشن پاران رپورٽ غلط ٺاهي وئي آهي، غلط رپورٽ ٺاهڻ تي لوڪل ڪميشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته عمران خان جي درخواست تي اليڪش ٽربيونل پاران رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ غلام حسين اعواڻ جي سربراهي ۾ لوڪل ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ٽربيونل ۾ جمع ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *