عمران خان ايترو ته مايوسيءَ جو شڪار رهيو 25 منٽن ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪري ڇڏيائين: اياز سومر

لاڙڪاڻو (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي محمد اياز سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جو لاڙڪاڻي واري جلسو هڪ ناڪام ميوزيڪل شو ثابت ٿيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي ثقافت پنهنجو نظريو پنهنجي سوچ ۽ هڪ فلسفو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ۽ پيار رت ۽ روح جو رشتو آهي. عمران خان لاڙڪاڻي جي عوام پاران ٿڏيل پاڻ کي سياسي ماڻهو سڏائيندڙ وڏيرن وٽ جلسو ڪري ۽ ٻاهريان ماڻهو وٺي اچي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جلسو ڪري پنهنجي ناڪاميءَ جو ثبوت سنڌ واسين اڳيان پيش ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ايترو ته مايوسيءَ جو شڪار رهيو 25 منٽن ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪري ڇڏيائين. جيڪو ڳلو ڦاڙي چوي پيو مان لاڙڪاڻي پيو اچان. هاڻي هن کي خبر پئجي وئي آهي ته لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر شهيدن جي سرزمين آهي. لاڙڪاڻي جا عزتدار ۽ شريف ماڻهو انهن ڪلابازيون کائيندڙ وڏيرن کي چڱي طرح سڃاڻي چڪا آهن. سنڌ جو عوام عمران خان کي وساري نه سگهيو آهي جو هن مشرف جي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ان جي ريفرينڊم جي حمايت ڪئي هئي. هاڻي به هو ڪنهن جي ايجنڊا ۽ اشارن تي هلي پيو. پيپلز پارٽي غريبن جي همدرد ۽ عوامي پارٽي آهي. جنهن هميشه سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي سنڌ جي تاريخ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم تعليم لاءِ يونيورسٽيون، ڪاليجز، اسڪول قائم ڪيا آهن. جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو معاملو هجي پيپلز پارٽي هميشه اهڙن منصوبن جي مخالفت ڪئي آهي. سنڌين جي حقن لاءِ هميشه جاکوڙيندي رهندي. ايم اين اي محمد اياز سومرو وڌيڪ چيوته جلسي گاهه ۾ چند هزار ماڻهو ۽ ڪرسيون خالي رهيون. اهي وڏيرا ڏاڍ ۽ جبر سان پنهنجن هارين نارين کي جلسي گاهه ۾ وٺي آيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *