عمران خان اورينج ٽرين رٿا خلاف احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اورينج ٽرين ڪميشن کائڻ جي رٿا آهي، حڪومت هڪ وزير جو گهر بچائڻ لاءِ روٽ مٽايو ۽ ڪچي آبادي جي رهواسين کي متاثر ڪيو، سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي جاري ڪيل پنهننجي نياپي ۾ عمران خان اورينج ٽرين رٿا خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته هو ايندڙ هفتي لاهور ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت ڪندو، سندس چوڻ هو ته رٿا سبب متاثر ٿيندڙ ڪچي آبادي جي رهواسين سان گڏجي احتجاج ڪيو ويندو، عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت غريب ماڻهن سان زيادتيون ۽ ظلم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *