عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن جي جاچ ڪندڙ ٽربيونل جي سربراهه جسٽس ( ر ) وجيهه الدين کي عهدو ڇڏڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، انٽرا پارٽي چونڊن جي جاچ ڪندڙ ٽربيونل جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين کي عهدو ڇڏڻ ۽ وڌيڪ اجلاس نه گهـُرائڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. عمران خان طرفان جسٽس رٽائرڊ وجيههالدين احمد کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ٽربيونل کي معطل ڪيو ويو هو پر ان باوجود اجلاس گهـُرايو ويو، جيڪو عمل پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي آهي. ڪپتان چيو ته سندس هدايت باوجود وجيهه الدين پارٽي مان نيڪالي ڏنل ميمبرن سان گڏ اجلاس گهـُرائي اليڪشن ٽربيونل جي غير قانوني ڪارروائي هلائي. عمران خان جو چوڻ آهي ته غير قانوني ڪارروائي هلائڻ سان پارٽي جي بدنامي ٿي،انڪري وجيهه الدين احمد عهدو ڇڏي ڏي ۽ ٽربيونل جو وڌيڪ اجلاس نه گهـُرائي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *