عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي: رابطه ڪميٽي

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي، رابطه ڪميٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته الطاف حسين لاءِ عمران خان پاران ڌمڪي وارو بيان مذمت جوڳو آهي، عمران خان کي الطاف حسين فوبيا ٿي ويو آهي پاڻ کي زميني خدا سمجهي وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي رابطه ڪميٽي جو چوڻ هو ته عمران خان زمين تي خدائي دعويٰ نه ڪري، ڪنهن جو وقت اچي ويو آهي ۽ ڪنهن جو نه اهو صرف الله جي ذات ئي ڄاڻي ٿي عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان ڪراچي تي قبضي جو خواب ڏسي رهيو آهي جڏهن ته ڪشمير مسئلي کان ڀڄڻ بجاءِ ان تي کلي پنهنجو موقف بيان ڪري ٻئي طرف ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته عمران خان ڪراچي تي قابض ٿيڻ چاهي ٿو پر شهر جي عوام ان کي شڪست ڏيندي ۽ ان جو ڪراچي تي قبضي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، هن چيو ته عمران خان طرفان ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾  ايندڙن جي توهين ڪئي وئي، عمران خان کي ٻلي وانگر خواب ۾ ڇيڇڙا نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته هو ملڪ ۾ لال مسجد جو نظام آڻڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *