عمران خان آئيني طور وزيراعظم ناهي رھيو، پاڪستان جا فيصلا نٿو ڪري سگهي: شهباز شريف

اسلام آباد(م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کانپوءِ عمران خان آئيني طور وزيراعظم ناهي رهيو، پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪو به وزيراعظم ناهي، هن وقت پارليامينٽ جو ڪو به ليڊر ناهي، عمران نيازي آئين تحت پاڪستان جا فيصلا نه ٿو ڪري سگهي، اھي سڀ ماڻھو آئيني عھدن استعيفيٰ ڏين جن جا نالا فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اچي رھيا آھن، شهباز شريف چيو ته نواز شريف خلاف جي آءِ ٽي ٺاهي سگهجي ٿي ته پوءِ عمران نيازي لاءِ ڇو نه؟ جيڪڏهن قانون نواز شريف جهڙي مقبول وزيراعظم تي لاڳو ٿي سگهي ٿو ته پوءِ عمران نيازي تي ڇو نه؟ هن چيو ته هو ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين آئيني بحران تي اپوزيشن سان مشاورت ڪنداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *