عمران خان، جهانگير ترين خلاف ريفرنس فني بنيادن تي خارج ٿيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عمران خان، جهانگير ترين کي ڪلين چٽ ملي وئي، عمران خان چوندو هيو ته اليڪشن ڪميشن سوال پڇڻ جو مجاز ناهي، هڪ طرف نواز شريف کي چوندا آهن ته 70 سال پراڻو جواب ڏنو وڃي، هن چيو ته عمران خان جمهوريت لاءِ برطانيه جا مثال ڏيندو آهي، عمران خان اها جمهوريت چاهي ٿو، جنهن ۾ اهو وزيراعظم بڻجي، عمران خان جيترو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، اوترو سچ به ٻڌائيندو ڪري، مملڪتي وزير چيو ته عمران خان، جهانگير ترين خلاف ريفرنس فني بنيادن تي خارج ٿيو، سپريم ڪورٽ ۾ سچ ڳالهائڻ لاءِ عمران خان وٽ ڪجهه ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *