عمران جي هر ڳالهه پاڪستان خلاف هوندي آهي، ماڻهوءَ جي جھڙي سوچ هوندي اهو ايئن کي ڳالهائيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ)سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان صاحب جو مهمان رانديگرن جي باري ۾ بيان ان جي فٽيچر  غلط سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو پي ٽي آءِ جي چيئرمين سياست ۾ پنهنجي عزت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي راند جي ميدان ۾ به بچل عزت کي تباهه ڪرڻ جي پويان آهي حڪومت پرڏيهه مان آيل سمورن رانديگرن کي ڀليڪار ۽ ان جي انتهائي شڪر گذار آهي وزيراعظم جي قيادت ۾ ترقي يافته خوشحالي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان اڳتي کڻي وڌي رهيا آهيون ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي اداري ٽيڪنالوجي جي استعمال ۽ سيڪيورٽي کي فول پروف بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهيون اسان انهن جا ٿورائتا آهن هن چيو ته لاهور ۾ پي ايس ايل جي فائينل جي انعقاد تي سڄي قوم مبارڪباد جي حقدار آهي هن چيو ته عمران خان تاريخي ايونٽ ۾ پنهنجي موجودگي جو اظهار نه ڪيو هن چيو ته جيڪڏهن پي ايس ايل جو فائينل چريائپ هئي ته قوم دهشتگردي خلاف اهڙي چريائپ ڪندي رهندي. هن چيو ته عمران خان آءِ پي ايل ۾ ڪامينٽري به ڪري ٿو ۽ اسٽيج تي به بيهي ٿو هن چيو ته اظهار جي آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي هڪ جملي سان ڪنهن جي دل آزاري ڏک جهڙي ڳالهه آهي اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *