عمران جي مدد ڪندڙ 10 سيڪڙو اسان جي مدد ڪن ها ته ملڪ کي عظم بڻائي ڇڏيون ها: شهباز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف آزادي مارچ کي خطاب دوران چيو آهي ته ادارا جيتري مدد عمران نيازي جي ڪن ٿا، اسان جي 10 سيڪڙو نه مدد ڪن ٿا ته ملڪ کي عظيم بڻائي ڇڏيون ها، جيڪڏهن عمران خان وڌيڪ 3، 4 مهينا اقتدار ۾ رهيو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو، شهبازشريف چيو ته عمران خان مغرور آهي، ٽَنگ َٽنگ تي چاڙهي بدتميزي سان ڳالهائيندو آهي، مان حيران آهيان ته پوءِ به ادارا سندس ايتري مدد ڇو ٿا ڪن. اپوزيشن ليڊر چيو ته جيڪڏهن اقتدار ٻيهر مليو ته نوازشريف جي قيادت ۾ اپوزيشن 6 مهينن اندر ملڪ جي معيشت بهتر نه بڻائي ته منهنجو نالو مٽائي نيازي رکي ڇڏجو.اپوزيشن ليڊر ۽ نواز ليگ صدر شهباز شريف اسلام آباد ۾جي يو آءِ ف جي آزادي مارچ پهتو، جتي ساڻس گڏ پارٽي جا اڳواڻ به موجود هئا. آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب دوران شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت جي ناڪام پاليسيز سبب واپاري، ڊاڪٽر ۽ شاگرد رستن تي اچي ويا، پُراڻو پاڪستان عمران خان جي نئين پاڪستان کان گهڻو سٺو آهي. عمران نيازي سوا سال ۾ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، هاڻ سندس رڙيون اچڻ گهرجن ۽ پاڪستان ۾ اهڙو نظام هجي، جتي هڪ ئي صف ۾ محمود ۽ اياز بيٺل هجن. پنهنجي خطاب ۾ شهباز شريف عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ جي جعلي حڪومت مان جان ڇڏائڻي آهي، جيستائين عمران خان مان جان آجي نه ٿيندي، تستائين سندس جان نه ڇڏينداسين. هن چيو ته عمران خان دماغ کان خالي آهي ۽ جادو ٽوڻي سان حڪومت هلائي رهيو آهي. عمران خان جادو ٽوڻي ذريعي جيڪا تبديلي آڻڻ پئي گهري، اُن تبديلي پاڪستان کي تباهي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. مارچ ۾ عوامي سمنڊ کي شاهد بڻائيندي چوان ٿو ته جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته متحده اپوزيشن سان گڏجي پاڪستان کي ٺيڪ ڪري ڏيکارينداسين، ائين نه ٿيو ته منهنجو نالو عمران نيازي رکي ڇڏجو. آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب دوران اپوزيشن ليڊر چيو ته پارليامينٽ ذريعي تبديلي آڻڻ پارليامينٽ جو حق آهي، ڪنٽينر جي سياست عمران شروع ڪئي هئي ۽ اڄ هتي سندس سياست دفن ٿيندي. تبديلي پهرين نه آئي هئي، هاڻي تبديلي ايندي. جلسي کي خطاب بعد شهباز شريف واپس روانو ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *