عمران جو وزيراعظم ٿيڻ جو طريقو غلط آهي، نواز شريف اسان کي غلام نه سمجھي: اسفند يار

سوات(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو پر سندس طريقو غلط آهي، نواز شريف اسان کي ڀاءُ تسليم ڪري، غلام نه سمجھي. سوات ۾ اي اين پي جي جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته عمران خان جو وزير اعظم ٿيڻ جو طريقو غلط آهي. شهر بند ڪرڻ سٺي سياست ناهي، نه ته پشاور کي ٻن ڪلاڪن اندر بند ڪري سگھون ٿا. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ هڪٻئي لاءِ اهم هوندا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن.  هن چيو ته مردان ۾ لاش کڄي رهيا هئا ته عمران خان ناچ گانن ۾ لڳو پيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *