عمران، پارٽي ڪارڪنن کي ان پوائنٽ تائين نه وٺي وڃي جتان واپس موٽن ڏکيو ٿي وڃي: خورشيد شاهه

چڪوال  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي ان پوائنٽ تائين نه وٺي وڃي جتان واپس موٽن ڏکيو ٿي وڃي، ملڪ جون حالتون ان ڳالهه جو تقاضا ڪن ٿيون ته 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ جو احتجاج پوئتي ڪيو وڃي، هو فيڊريشن آف چيمبرس ڪامرس جي نائب صدر ظفر بختاوري ۽ چڪوال چيمبر آف ڪامرس جي باني قاضي محمد اڪبر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اسلام آباد ۾ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي فيڊريشن جي اڳواڻن سيد خورشيد شاهه کي سڄي ملڪ جي چيمبرس جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو،  سيد خورشيد شاهه چيو ته بيشڪ احتجاج هر پارٽي جو حق آهي پر اهڙو احتجاج جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچڻ جو خدشو هجي اهو احتجاج غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به غيرآئيني ۽ سازش ذريعي ڪنهن قسم جي تبديلي تي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *