عماد وسيم جي شاندار سينچري، پاڪستان ٽور ميچ ۾ ڪامياب

بيڪنهم (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽور ميچ ۾ ڪينٽ کي 100 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.برمنگهم ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهيون. /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

پاڪستاني اننگز جي شاندار ڳالهه عماد وسيم جي سينچري هئي، جنهن رڳو 78 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 13 چوڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 117 رنسون ٺاهيون، حارث سهيل 75، فخر زمان 76 ۽ امام الحق 39 رنسن جي اننگز کيڏي.جواب ۾ ڪينٽ اليون 44.1 اوورن ۾ 258 رنسون ٺاهي سگهي، بليڪ 89 ۽ رابنسن 49 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.پاڪستان طرفان ياسر شاهه 3، فخر زمان، حسن علي ۽ فهيم اشرف 2-2، جڏهن ته عماد وسيم هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *