عليمه خان، جهانگير ترين، پرويز خٽڪ جي ڪرپشن ڇو نٿو ٻڌائي، وزيراعظم ۾ همٿ آهي ته پرويز مشرف کي واپس آڻي ڏيکاري، : خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ لڳندڙ ”گو نيازي گو“ جي نعرن سان منهن ڏيڻ جهڙو ناهي رهيو. وزيراعظم جي تقرير تي رد عمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان رات جو لڪي تقريرون ڪري رهيو آهي، عمران خان گو نيازي گو جي نعرن لڳندڙ نعرن سان ملڪ ۾ ڏينهن جي روشني ۾ عوام سان منهن ڏيڻ جوڳو ناهي رهيو، سندس منافقت جي انتها آهي جو هو بسم الله پڙهي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ڇا رڳو مخالف ڌر اڳواڻن کي گرفتار ڪري هاڻي نيب پي ٽي آءِ جي منشور کي پورو ڪندو؟ ڇا اپوزيشن اڳواڻن جون گرفتاريون ئي مديني جي رياست قائم ڪرڻ جو طريقو آهي. هن چيو ته 60 ورهين ۾ ايتري تيزي سان قرض نه ورتو ويو جيترو پي ٽي آءِ 10 مهينن ۾ ورتو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ عمران خان ڪرپشن ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي ته عليمه خان، جهانگير ترين، پرويز خٽڪ جي ڪرپشن ڇو نٿو ٻڌائي ۽ نيب آصف علي زرداري تي هڪ رپئي جي ڪرپشن هن وقت تائين ثابت ناهي ڪري سگھيو، عمران خان آصف زرداري تي اهو الزام مڙهي رهيو آهي، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان ثابت ناهي ٿي سگھيو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ اجلاس کان پوءِ اڌ رات جو الزام لڳائڻ رڳو مهانگائي تان ڌياڻ هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، ٻين جي ٻارن جي ٻاهر هجڻ تي تنقيد ڪندڙ عمران خان جا پنهنجا ئي ٻار ٻاهر پلجي رهيا آهن، ٻين کان قرض وٺڻ جو حساب وٺندڙ عمران خان ان قرض جو حساب ڪڏهن ڏيندو جيڪو سندس حڪومت ورتو آهي، عمران خان بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو حساب ڪڏهن ڏيندو، قوم عمران خان کان معاشي تباهي جو حساب گھري رهي آهي، اپوزيشن کي احتجاج لاءِ ڪنٽينر ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان اڄ ڌمڪين تي لهي آيو آهي. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اپوزيشن احتجاج جو اشارو ڏنو آهي ته عمران خان جو رڙيون نڪري ويون، عمران خان قوم کي جيترو قرضي ڪيو، ان جو حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان اسيمبلي ۾ ائين لٿ لوڏيو جيئن اڳ پرويز مشرف لوڏيو هو، سياستدانن کي جيلن ۾ وجهڻ جو سلسلو ايوب خان کان شروع ٿيو، جنرل ضياءَ ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو، پرويز مشرف هٿان محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پرويز مشرف جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي کي قتل ڪرايو ويو پر نتيجو ڇا نڪتو، هو اين آر او ڏئي عمران خان جي ويجهو ملڪ کي تباهه ڪندڙ سڀ کان وڏو ڏوهاري دبئي ۾ ويٺو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان توهان کي ياد ڏياريون ٿا ته پرويز مشرف ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو، جنهن جو هو ڏوهاري آهي، عمران خان سان گڏ سڀ ادارا آهن، جيڪڏهن همٿ اٿس ته پرويز مشرف کي واپس آڻي ۽ ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي، عمران خان صاحب! توهان ايوان جا قائد آهيو، ايوان ۾ تقرير ڪرڻ جي همٿ ڪريو، عمران خان صاحب بزدل بڻجي اسٽوڊيو ۾ تقرير ڪرڻ ڪو ڪمال ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *