علائقائي ترقي ۽ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سنيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته علائقائي ترقي ۽ امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي جو حل ضروري آهي، ڀارت ڪشمير تي واعدا پورا ڪرڻ کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جو ميمبر نه ٿو بڻجي سگهي. ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پرويز رشيد ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت ڪندي چيو ته جواهر لعل نهرو ڪشميرين سان واعدو ڪيو هو ۽ انهن ڀارتي حڪمرانن جو حق آهي ته اهي پنهنجو واعدو پورو ڪن. پرويز رشيد ڀارت کي خطي ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ڪشميرين جون دليون کٽڻ جو مشوروڏنو، جڏهن ته قراردادن جي خلاف ورزين جي نقصان کان پڻ آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *