عشرت العباد پاران استعيفيٰ صدر کي پيش، 14 سالا گورنري تي ڪتاب لکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي استعيفيٰ صدر ممنون حسين کي پيش ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد استعيفيٰ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪري پيش ڪئي، هوڏانهن عشرت العباد ڪراچيءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪتاب لکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي 14 سالن جي گورنريءَ واري دور تي ڪتاب لکندو ۽ ان ڪتان جو نالو ”۽ اهو جيڪو مان چئي نه سگھيس“ هوندو. عشرت العباد گورنر هائوس جي آفيسرن ۽ اسٽاف سان الوداعي ملاقات به ڪئي، ڊاڪٽر عشرت العباد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان به الوداعي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اوهان جي قيادت ۾ صوبو ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئه ڪندو ۽ ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ  سان صوبو وڌيڪ ترقي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *