عسڪريت پسند گروپن گذريل مهيني دوران حملن ۾ 14 پاڪستاني جوان شهيد ڪيا :آئي ايس پي آر

اسلام آباد (اين اين آءِ) افغانستان ۾ جنگ جي پڄاڻي کان پوءِ پاڪ افغان سرحد تي وڌيڪ امن ۽ استحڪام ڏسڻ جي اميد عسڪريت پسندن جي حملن جي تازي سلسلي سبب ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي فوج تازو ئي هفتن ۾ پاڪ افغان سرحد تي پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن پرڏيهي ميديا مطابق پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته عسڪريت پسند گروپن گذريل مهيني دوران حملن ۾ 14 پاڪستاني جوان شهيد ڪيا جن مان 3 حملا افغانستان مان داخل ٿيندڙ ويڙهاڪن ڪيا سرحدي ڪارروائي کان واقف هڪ اعليٰ پاڪستاني سيڪيورٽي عهديدار ٻڌايو ته اسان انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن عسڪريت پسندن جي داخلا کي روڪي سگهجي سرحد تي پاڪستان اندر وسيع علائقو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر هو جن تي آزاد پشتون قبائل جي حڪومت هئي جن جي برادرين لاءِ ان غير نشان ڏنل سرحد جي ٻنهي پاسي اچڻ وڃڻ معمول جي ڳالهه آهي جڏهن ته پاڪستان ان سلسلي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد ان علائقي کي مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آڻڻ ڪنڊيدار تار سان گڏ سرحد جي حددبندي ڪرڻ ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول سسٽم مطابق هتان کان ايندڙ ويندڙن کي پابند ڪرڻ آهي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هڪ ٻئي سيڪيورٽي اهلڪار چيو ته باغين ۽ عسڪريت پسندن سميت اسان انهن سمورن عنصرن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون جيڪي خطرو آهن ٻئي پاسي ڪابل ۾ طالبان پاڪستان ۾ حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي تاثر کي رد ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهين سان مسئلو حل ٿي ويندو افعان بچاءَ واري وزارت جي ترجمان عنايت الله خوارزمي ٻڌايو ته اسان سفارتي طريقن سان اهڙن معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *